ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اق??يت?? بابت قومي ڪميشن (اين سي ايم) جي ميمبر ۽ پاڪستان هندو فورم جي صدر ڊاڪٽر جي پال ڇابڙيا چيو آهي ته دنيا کي ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو 5 آگسٽ جي سمورن غيرقانوني، هڪ طرفن قدمن ۽ آبادي ۾ تبديلين کي واپس وٺي ??يڪي هن والاريل علائقي ۾ کنيا آهن. اها ڳالهه هن اي پي پي سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي ته جيئن ان ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي غيرقانوني خاتمي جي خلاف آواز بلند ڪري سگهجي. هن چيو ته 5 آگس?? تي عالمي برادري کي ياد ڏياريو ويندو ته ڪشمير هڪ تڪراري خطو آهي جنهن تي ڀارت سمورن عالمي قانونن کي نظرانداز ڪندي ۽ عوام ج?? خواهش?? جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي پر ڪشميرين رياستي دهشتگردي جي باوجود مزاحمت جاري رکي آهي. هن چيو ته قابض فوج اڪثريتي مسلم آبادي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ڀارت جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا ڇو ته 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري دهشتگردي جي وحشياڻي قبضي جي باوجود ڀارت ڪشميري?? جي آزادي جي جذبي کي گهٽ نه ڪري سگهيو. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اها سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين ک?? خودمختياري جو حق يقيني بڻائي.