اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ??اڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪلوس گيلي ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ??رانس سان ??طرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي پراڻي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيرا??ظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ شديد تباهي ۽ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيرا??ظم ٻوڏ متاثر ماڻهن سان ??ڪجهتي ۽ مدد تي فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيما، واٽر پمپ ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ٽيم کڻي امدادي اڏام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نقصانن جو پئم??نو ۽ شدت ايتري وڏي آهي جو اڪيلو اسان جو ملڪ ان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ عالمي برادري جي حمايت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ??وسمياتي تبديلين ۾ نه هجڻ جي برابر ڪردار جي باوجود ان جو شڪار آهي ۽ تازي ٻوڏ ان جو هڪ وڏو سبب آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوري ريسڪيو کانسواءِ فرانس بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ حڪومت جي ڪوششن ۾ حصو وجهي سگهي ٿو. ٻطرفي ڏس ۾ وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ فرانس سان ??نهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فرانسيسي سفير ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ آءِ ٽي، زراعت، پاڻي جي انتظام ۽ توانائي جهڙن نئين شعبن جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪردار ڪندو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان گڏيل فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ فرانس سان ??سلسل رابطي جو منتظر آهي.