اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت کي ملڪي معيشٽ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي جي ت??قي لاءِ حڪومت ايندڙ هفتي تاريخي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندي، هن لاڳاپيل ??زيرن جي ڪميٽي کي ??بادگار نم??ئندن سان گڏجي انهن جا مسئلا موثر انداز ۾ حل ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل سفارشون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم آبادگارن جي مختلف وفدن سان انهن جي مسئلن جي حل لاءِ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، پنجاب جي صو??ائ?? اسيمبلي ميمبر راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم زرعي شعبي کي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ت??قي جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ملڪ ۾ ان شعبي جي ت??قي ۽ آبادگارن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موجوده معاشي حالتن جي ڏس ۾ هر ممڪن ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ آبادگار ڪانفرنس ۾ تاريخي آبادگار پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم انهن کي پنهنجي پنجاب جي خادم اعليٰ جي حيثيت سان زرعي شعبي جي ت??قي ۽ آبادگار ڀائرن جي ڀلائي لاءِ کنيل ??دمن جو حوالو ڏيندي ياد ڪرايو ته هن ڪهڙي طرح سدائين آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن کي ??جلي جي بلن جي ادائيگي، ڀاڻ جي فراهمي ۽ زرعي اوزارن جي خريداري تي سبسڊي فراهم ڪئي.