اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد جي ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن جي دوري جي آجيان ڪندي ??ن موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو پاڪستان جي ل??ءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد چين جي ڊپارٽمينٽ آف فلڊ ڪنٽرول ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي ايمرجنسي ڪمانڊ واري وزارت جي آفيسر زو زيانگ بيانگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، شيري رحمان، خاص معاون ظفرالدين محمود، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ۽ اين ايف آر سي سي جي چيئرمين کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو چيني وفد کي تجو??ز ڏي ٿو ته وطن واپسي کان اڳ پاڪستان حڪومت سان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪري وڃن. هن پنهنجي ۽ سڄي قوم پار??ن مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد تي چيني قيادت ۽ چين جي عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، اهو پاڪستان ۽ چين جي پراڻن لاڳاپن جو عمده مثال آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون نئين چئلينج کي جنم ڏئي رهيون آهن. هن پاڪستان ۽ چين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيي تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي پنهنجي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته چيني وفد ٻوڏ بابت ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪو پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي سنڌ جو دورو ڪري آيو آهي. وفد پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ پاڪستان کي ڊگهي، وچولي ۽ گهٽ مدي جي منصوبن تي فني معاونت فراهم ڪندو. چيني وفد لاڳاپيل پاڪستاني ادارن ۽ عملدارن سان تعاون جي ل??ءِ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا آهن ۽ 21 آڪٽوبر تي اين ڊي ايم اي کي متاثر علائقن ۾ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي ل??ءِ تفصيلي پلان ۽ رپورٽ پيش ڪندو.