اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ 24 هين نيشن?? سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. آءِ ايس پي آر موجب چئن هفتن تي ٻڌل ورڪشاپ ۾ سينيٽرز، قومي ۽ صوبائ?? اسيمبلي ميمبرن، بيوروڪريٽس، سفيرن، هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي جنهن جو مقصد قومي سلامتي ۽ پاڪس??ان کي درپيش چئلينجز جي ڏس ۾ سيڪيورٽي جي ماحول کي سمجهڻ ۽ مختلف رخن بابت وڌ کان وڌ آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي جامع قومي سلامتي بابت ورڪشاپ جي پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني. هن ملڪ جي هر قسم جي قيادت جي لاءِ نيشن?? سيڪيورٽي ورڪشاپس منقعد ڪ??ڻ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.