اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و آهي ته افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ جو ڪو ارادو نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي جمعي ڏينهن ٿيندڙ حملي جي حوالي سان ميڊيا جي سوال ج?? جواب ۾ ترجمان چ??و ته سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ جو ڪو منصوبو نه آهي. پاڪستان افغانستان ۾ عبوري حڪومت سان ر??بطي ۾ آهي ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ مشنز جي حفاظت جي لاءِ حفاظتي انتظامن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.