اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عا??مي بئنڪ پاڪستان جي ڊگهي مدي کان ترقياتي حصيدار آهي، ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر پاران ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس ۾ 2 ارب ڊالر جي اعلان تي ان جا ٿورا مڃون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ جن??وا ۾ ٿيندڙ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس ۾ ورلڊ بئنڪ پاران 2 ارب ڊالر جي اعلان تي گروپ جي صدر ڊيوڊ ملپاس جا ٿورائتا آهيون، عا??مي بئنڪ پاڪستان جو ڊگهي مدي وارو ترقياتي حصيدار آهي.