اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب اداڪارائن جي ڪردارڪشيءَ ڪندڙ عنصرن جي شديد مذمت ۽ ايف آءِ اي کان قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بدتميزي، بدتهذيبي ۽ ڪردارڪشيءَ جي غليظ مهم جو ڪلچر ڦهلائيندڙن جي پوري معاشري پاران مذمت ٿيڻ گهرجي، رڳو پنهنجي مائرن، ڀينرن جي عزت جي فڪر ۽ باقي دنيا جي عورتن جي عزت نه ڪندڙ عنصر ذه???? بيمار آهن، اختلاف راءِ ڪندڙن کي گاريون ڏيڻ، مائر?? ڀينرن، ڌيئرن جي عزت نه ڪرڻ، گهرن تي حملا، گهيراءُ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ ”گهريلو تربيت“ جي علامت هوندي آهي. پنهنج?? بيان ۾ اطلا??ات واري وفاقي ??زير چيو ته اداڪار ملڪ جو اثاثو ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ آهن، بيمار ذه?? ئي انهن تي حملا ڪن ٿا. هن چيو ته فنڪار معاشري ۾ پنهنجي محنت سان مقام حاصل ڪري ٿو، اهي مشڪلاتن کي منهن ڏئي عوامي مقبوليت ماڻين ٿا. هن چيو ته عورتون سياست، صحافتن، فن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڪو مقام ماڻين ته انهن جي ڪردارڪشيءَ شروع ڪئي وڃي ٿي، عورتن جي خلاف اها بدنما مهم رڳو عورت هجڻ جي ڪري هلائي وڃي ٿي. هن چيو ته عورتن جي محنت، جدوجهد ۽ صلاحيتن جو اعتراف ۽ احترام ڪرڻ بدران گند اڇلائڻ شرمناڪ آهي، عورتون حوصلي، همت ۽ منزل کي هاصل ڪرڻ جي عزم جي علامت بڻجي چڪيون آهن، اهڙ?? بي هودگي انهن جي ڪاميابين جو سفر نه ٿي روڪي سگهي.