ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ??رڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿ??ند??، سي پيڪ جو منصوبو ويجهي ??اضي ۾ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن جي ڪري تعطل جو شڪار ٿيو، سي پيڪ منصوبن ۽ چيني ڪمپنين سان حصيداري وڌ??ئينداسين، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي ا??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس لاءِ ان منصوبي جو افتتاح ??رڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ان منصوبي سان ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ??رڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان 27 بلين ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو، جيڪو اسان جي لاءِ وڏي مالي مشڪلاتن جو سبب آهي، هن پلانٽ سان سستي توانائي حاصل ٿ??ند??، جيڪا پاڪستان جي وڏي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اهڙا وسيلا مهيا ڪيا آهن ته اسان هائيڊل ۽ ٻين ذريعن سان سستي بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا پر اسان ان سگهه کان گهٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم تعمير هيٺ آهن، انهن جي آپريشنل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 4، 5 سال لڳندا، پاڪستان سج ۽ هوا مان سستي بجلي حاصل ڪري سگهي ??و، ايندڙ سالن ۾ متبادل توانائي جي منصوبن مان سستي بجلي حاصل ٿ??ند??. هن چيو ته ٿر ۾ الله تعاليٰ اسان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪي اسان جي ايندڙ ڪيترن ئي سئو سالن جي ضرورت پوري ??رڻ جي لاءِ ڪافي آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. حڪومت متبادل توانائي جي منصوبن تي ڪم اڳتي وڌ??ئ??ند?? ته جيئن پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر بچي سگهن. وزيراعظم چيو ته ڪي ٿري منصوبي کي نواز شريف جي دور ۾ حتمي شڪل ڏني وئي، اڄ اهو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ان تي وڌيڪ ڪم ??رڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ چيني دوستن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ??ي ۽ 30 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، ان صورتحال ۾ اسان چيني دوستن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي ??ي يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪندا. وزيراعظم چيو ته چشما فائيو جو معاهدو به ??لد ٿ??ند??. پاڪستان ۽ چين بهترين دوست ۽ ڀائر آهن، گذريل 75 سالن دوران اسان جي دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ چين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته 2015ع ۾ نواز شريف جي سربراهي ۾ سي پيڪ تحت اربين ڊالرن جي منصوبن تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت اڄ هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ سي پيڪ تحت ٻيا ڪيترائي منصوبا به ??اري آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي هاڻي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿ??ند??. ويجهي ??اضي ۾ سي پيڪ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب تعطل جو شڪار ٿيو. انڊسٽريل زونز ٺهڻا هئا جيڪي نه ٺهي سگهيا، هاڻي اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته انهن منصوبن کي اڳتي وڌ??يون، پشاور کان ڪراچي ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي سان انقلاب ا??ند??. وزيراعظم پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي عملدارن، سائنسدانن، انجنيئرز ۽ اسٽاف کي منصوبي تي ڏينهن رات محنت ??رڻ تي شاباس ڏني ۽ چيو ته اهي ڀرپور ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم چين سان حصيداري کي اهم قرار ڏ??ند?? چيو ته وڌيڪ منصوبن جي شروعات ۽ پڄاڻي جي لاءِ چيني ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ويندا. هن منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي عهديدارن، انجنيئرز ۽ اسٽاف جا به ٿورا مڃيا ۽ دعوت ڏني ته گڏجي وڌيڪ منصوبن جي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي. بعد ۾ وزيراعظم ڪي ٿري آپريشنز روم جو دورو ڪيو، جتي کيس منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.