اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه سان گڏ بيٺل رهندو، ان سل??لي ۾ حڪومت جاري ريس??يو ۽ ريليف سرگرمين کي ملڪ گير مهم ۾ توسيع ڏيڻ جو فيصلو ??يو آهي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مُون سمورن وڏن وزيرن سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهن کي ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر ماڻهن جي لاءِ قومي امدادي مهم جي ذميواري کڻڻ جي درخواست ڪئي آهي. ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي ام??اد لاءِ اسان واپاري برادري، مذهبي اسڪالرز ۽ تعليمي ادارن جي حمايت حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هي هڪ صديءَ جو بدترين زلزلو هو، اسان جي حيثيت ٻن ??لڪن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي آهي ۽ اسان پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهنداسين.