اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سومر کان سا??يو??ل جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي ۽ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز جي صدارت ۾ سڀاڻي 28 فيبروري ??ي سا??يو??ل ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو. اجلاس ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ??رڪت ڪندا. هن چيو ته اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين فيبروري کان تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي، هو بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، ??سلام آباد، ??اولپنڊي ۽ سرگوڌا ڊويزنن جا دورا ڪري چڪي آهي.