اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ مهارت تي ٻڌل ۽ فني تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اهڙن ٻارن کي ملڪ جو ڪارائتو شهري بڻا??ڻ جي لاءِ انهن جي فڪري ۽ جسماني واڌويجهه جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. ??در اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ??در اسلام آباد ۾ نيشنل ا??ڪل?? يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??در زور ڏنو ته نيشنل ا??ڪل?? يونيورسٽي کي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هنرمند ماڻهو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽين پاران شاگردن جي لاءِ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي روشني وڌي ته جيئن انهن کي مناسب پيشن جي چونڊ ۾ مدد ملي سگهي. هن نيشنل ا??ڪل?? يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته گريجوئيٽس جي معيار ۽ مهارت کي بهتر بڻا??ڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي فني تعليمي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. نيشنل ا??ڪل?? يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار اجلاس کي ملڪ ۾ هنر تي ٻڌل تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت ٻڌايو. نيشنل ا??ڪل?? يونيورسٽي جي سينيٽ پاران وائيس چانسلر جي فيصلن جي توثيق ڪرڻ کانسواءِ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي پڻ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ مريدڪي شيخوپوره ۾ نيشنل ا??ڪل?? يونيورسٽي جي سب ڪئمپس جي قيام جي پڻ منظوري ڏني وئي.