اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ڏورانهن علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ”اسڪول آن ويلز“ جو منصوبو اهم ڪردار ادا ??ري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪول آن ويلز منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان منصوبي تحت شروعاتي طور تي 8 بسن تي اسڪول آن ويلز منصوبو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ٻارن کي موبائيل اسڪ??لز جي ذريعي تعليم فراهم ڪندو. وزيراعظم اسڪول آن ويلز منصوبي کي ساراهيندي چيو ته ان منصوبي سان ڳوٺن ۾ ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته اهي موبائيل اسڪ??لز ڳوٺن ۾ تعليم جو انقلاب آڻيندا ۽ ان سان هزارين لکين ٻار، جيڪي ڳوٺن جي گهٽين جي مٽيءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، کي تعليم جي سهولت ملندي ۽ اهي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي جو دائرو چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ڦهلائڻ جو جائزو ورتو وڃي. ان سان وڏي ٻي ڪا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگه??. و??يراعظم چيو ته هو ان منصوبي جي شروعات تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وزيراعظم ان موقعي تي خصوصي طور تي ڊيزائن ڪيل بسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ استادن ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئ??. و??يراعظم موبائيل لائبريري جي منصوبي کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ڏورانهن علائقن جي ٻارن کي گهر جي در تي لائبريري جي سهولت ملند??. و??يراعظم ان موقعي تي ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کان سوال جواب ڪيا.