اسلا?? آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پڄاڻي تي پهتي، ڪنوينشن ۾ 17 کان وڌيڪ مل??ن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان ۾ بيلجيئم، ايران، ڪي??يا، شام، جمهوريه ڪرغزستان، برطانيه، آمريڪا، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين مل??ن جا وفد شامل هئا. ڪنوينشن ۾ اندروني مل??ن مان پارليامينٽ جي ميمبرن، سياسي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، عورتن، اڪيڊميا، غير مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي، سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جو چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پڻ شريڪ ٿيو. ڪنوينشن جي پهرين ڏينهن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ ۽ قمر ??مان ڪائره خطاب ڪي??، ڪنوينشن جي ٻي ڏينهن واري پڄاڻي جي تقريب کي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪي??. ان موقعي تي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاه پڌرائي پيش ڪئي.