اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف معاشي چئلينجز جي باوجود غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي قدم ۽ وڌ کان وڌ عوامي ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڀاڻ تي سبسڊي سڌوسنئون آبادگارن تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس پلان تيار ڪيو وڃي، حڪومت مستحق آبادگارن جي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ ۾ معاونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ بجيٽ ۾ ريليف بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه م??مد آصف، اسحاق ڊار، احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون محمد جهازيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه م??ي، خاص معاونين شزه فاطمه ۽ قيصر شيخ کانسواءِ جديد فارمنگ جي ماهر احمد عمير ۽ آءِ ٽي جي شعبي مان آصف پير وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڀاڻ تي سبسڊي سڌوسنئون آبادگارن تائين پهچائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي، پيٽروليم مص??وعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته حڪومت مستحق آبادگارن جي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ ۾ معاونت فراهم ڪندي، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن سان ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ٿ??ند?? ۽ آبادگارن جي في ايڪڙ پيداواري لاڳت گهٽ ٿ??ند??. هن چيو ته حڪومت عالمي منڊي ۾ قيمتون هيٺ ا??ند?? ئي پيٽروليم مص??وعات جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي ڪئي. هن هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌائي مستحق ماڻهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، يقيني بڻايو وڃي ته سڄي ملڪ ۾ ڪا به م??تحق بيواهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا کان ٻاهر نه رهي. هن چيو ته م??تحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفن سان اعليٰ تعليم ۽ پيشيواراڻي هنر سان ليس ڪيو و??ند??، حڪومت ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو قيام يقيني بڻائي رهي آهي، اسان سدائين وانگر ملڪ جي نوجوانن کي تعليم، هنر، ليپ ٽاپس ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪندا رهنداسين، حڪومت نوجوانن کي عالمي معيار ۽ موجوده گهرجن موجب هنر فراهم ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ لون پروگرام جو دائرو وڌائي نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض سان ڪاروبار ۾ سهولت فراهم ڪئي و??ند??، نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهولتون فراهم ڪري ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار وڌايو و??ند??، نوجوانن کي فري لانسنگ ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪري روزگار ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي و??ند??. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي چار سالا ڪاري دور ۾ نوجوانن ۾ نفرت ۽ انتشار جا جذبا، ڏنڊا ۽ پيٽرول بم پڪڙايا ويا، اسان پنهنجي نوجوان نسل جي صلاحيتن کي بهترين طريقي سان استعمال ۾ آڻي ملڪ ۽ قوم جي ترقي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته ننڍي ڪاروبار ۽ ننڍي پئماني جي صنعت جي ترقي جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون و??ند??ون.