اسلام آباد -13 جو?? (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿيڻ بعد انتهائي شديد سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اهو طوفان ??را??ي کان اٽڪل 470 ڪل??ميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪل??ميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙه ک??ن 570 ڪل??ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان صبح جو جاري ڪيل تفصيلن مطابق سامونڊي طوفان جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتار اٽڪل 140 کان 150 ملوميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي حصي جي رفتار 170 ڪل??ميٽر في ڪلاڪ تائين آهي. تازي اڳڪٿي مطابق طوفان جي برقرار رهڻ جو امڪان آهي. (اڄ) 14 جو?? 2023ع جي صبح تائين ان جو رخ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جو?? 2023ع جي منجهند تائين هڪ انتهائي شديد طوفان طور ڪيٽي بندر (ڏکڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل لائين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. طوفان سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ??را??ي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ??نڊ?? الهيار ۽ ??نڊ?? محمد خان علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.