ڪراچي – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري شهر قائد جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جيالا چونڊجڻ کي پارٽي جي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ ان اڳڀرائي کي پوري پاڪستان جي فتح قرار ڏنو آهي. ب??او?? هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب ب??او?? ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب صديقي کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان عبدالله مراد کي ڊپٽي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي ڪراچي جي جيالن جي ڊگهي جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. هن چيو ته ملڪ جي معاشي حب ۾ نف??ت ۽ ورڇ جي سياست پنهنجي منطقي انجام ??ي پهتي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جمهوريت بهترين انتقام ??هي. چيئرمين ب??او?? ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪراچي هاڻي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري ج?? گهوارو بڻجندو. هن چيو ته ڪراچي جي هر گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي جا بلدياتي مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪنداسين. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي سمورن چونڊيل نمائندن جي ڪلهن تي هاڻي وڏيون ذميواريون آهن، پر مون کي يقين آهي ته ماضي ۾ ڏکئي ترين حالتن جو مقابلو ڪندڙ جيالا هن ڀيري به پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀائي هڪ نئين تاريخ لکندا.