اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چشما پنج منصوبي سان 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعتن کي سستي بج??ي ۽ عوام کي ريليف فر??هم ڪرڻ جي ل??ءِ توانائي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي ل??ءِ اسانجي تحفظ توانائي منصوبي جو حصو آهي، هي ??هم منصوبو چ??ن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چشما پنج تي معاهدي ??ي صحيحون ان منصوبي جي تعمير طرف هڪ وڏو قدم آهي جنهن سان سسٽم ۾ 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعت کي سستي بجلي جي فراهمي ۽ عام ماڻهو کي ريليف فر??هم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي ??وانائي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي ل??ءِ اسان جي انرجي سيڪيورٽي پلان جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي مسلسل اعتماد ۽ اسان جي ماڻهن جي خوشحال مستقبل جي ل??ءِ چيني قيادت جا ٿورا مڃون ٿا، هي منصوبو 3.48 ارب ڊالر جي چيني سيڙپڪاري سان تعمير ڪيو ويندو، 2017ع ۾ صحيحون ٿيڻ کانوءِ کان مهانگائي جي باوجود چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪوآپريشن منصوبي جي ل??ڳت ۾ اضافو نه ڪيو پر هن منهنجي درخواست تي 750 ملين آر بي ايم (30 ارب رپيا) جي رعايت ڏني. هن چيو ته پاڪ – چين مضبوط ڀائيچارو وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي ??هم منصوبو ان گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪندو.