مڪه مڪرمه _ 27 جون (اي پي پي ) پنجاب جي نگران وزيراعلى سيد محسن نقوي ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير طلحه محمود سان منى ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهن اڳواڻن پاڪستاني حاجين متعلق ڳالهيون ڪيون . وفاقي وزير طلحه محمود ۽ پنجاب جي وزير اعلى پاڪستاني حاجين سان ملاقات به ڪئي ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا . ان موقعي تي پنجاب جي نگران وزيراعلى محسن نقوي چيو ??ه حج مسلمانن جو سڀ کان وڏو فرض آهي . سڄي دنيا جا مسلمان ان مقدس ڏينهن جو انتظار ڪندا آهن . حج دوران حاجين جي خدمت ڪرڻ به ڪنهن عبادت کان گهٽ ناهي . وفاقي وزير طلحه محم??د چيو ??ه حاجين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ موجود آهيان . پاڪستاني حاجين جي خدمت اسان جي ا??لي?? ت??جيع آهي .