اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي جنهن ۾ تڪرارن جي حل جو طريقيڪار به شامل آهي. هيگ ۾ قائم عالمي ثالثي عدالت پاران پاڪ ڀ??رت پاڻي تڪرارن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي ثالثي عدالت جي فيصلي کان آگاهه آهي، جنهن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت پاڪستان ۽ ڀ??رت جي وچ ۾ تڪرارن تي اڳتي وڌڻ جو طريقيڪار، سنڌ طاس معاهدي جي تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر سوال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهليت کي بر??را?? رکيو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هاڻي اها تڪرار جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو ??اڪستان ۽ ڀ??رت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو آهي. پاڪستان تڪرارن جي حل جي طريقيڪار سميت ان معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته ڀ??رت به نيڪ نيتي سان ان معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.