ملتان – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا، عمران نيازي 4 سال هٿ تي هٿ رکي ويٺل رهيو ۽ چور، ڌاڙي جا نعرا هڻي وقت برباد ڪيو. ملتان ۾ تعمير هيٺ نشتر ٽو ??سپتال جي معائني دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وز??راعظم چيو ته 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو هو ۽ سمورا انتظام مڪمل ڪيا هئا. جهرلو اليڪشن کانپوءِ جيڪي عمران نيازي کي ڪلهن تي ويهاري اقتدار ۾ وٺي آيا هئا انهن کي گهرجي ها ته عمران نيازي کان هي اسپتال ٺهرائين ها ته جيئن ڏکويل انسانيت جي خدمت ٿي سگهي ها پر پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا ۽ تعمير هيٺ نشتر ٽو ??سپتال لاءِ رڳو 3، 4 ملين رپيا رکيا جيڪو هڪ مذاق هو. هن اسپتال کي رڳو ان لاءِ نظرانداز ڪيو ويو ته ڪٿي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف کي ڪريڊٽ نه ملي وڃي. وز??راعظم چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته هن اسپتال جي تعمير 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿي ويندي. هي عوامي خدمت جو منصوبو آهي. وز??راعظم نگران وڏي وز??ر محسن نقوي ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن کي هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي حمزه شهباز جي قي??دت ۾ مختصر مدي جي لاءِ پنجاب ۾ خدمت جو موقعو مليو پر جيڪو ڪجهه ان سان ٿيو اهو به تاريخ جو حصو آهي. ماضي ۾ اسان جون حڪومتون ختم نه ڪيون وڃن ها ۽ عمران نيازي کي اقتدار ۾ نه آندو وڃي ها ته پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو هجي ها. هو 4 سال هٿ تي هٿ ڏئي ويٺل رهيو ۽ چور ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو. وز??راعظم چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته اسپتال جي لاءِ مشينري پڻ درآمد ڪئي وئي آهي. هن ملتان ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان حوالي سان منصوبي جو هو تفصيلي جائزو وٺندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ٺهي سم??ري??ن قوتون گڏجي پاڪستان جي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، پنجاب جو گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، پنجاب جو نگران وڏو وز??ر محسن نقوي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. واضح رهي ته 500 بيڊز تي ٻڌل نشتر ٽو ??سپتال سان ڏکڻ پنجاب جي ڏورانهن علائقن جي عوام فائدو کڻندي.