اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي س?? ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، ٽيم جي س??ڪيورٽي ب??بت خدشن کان آءِ سي س?? ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو و??ي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته آءِ سي س?? ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ اسان جو حصو وٺڻ جو فيصلو پاڪستان جي مستقل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو ته راندين کي س??است سان نه ڳنڍي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جو تعميري ۽ ذميواراڻو انداز ڀارت سان ٽڪراءُ آهي جنهن بار بار پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ جي لاءِ پاڪستان موڪلڻ يا پاڪستان جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري راندين جي س??است ڪئي آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت جي دو??ي دو??ان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي گهربل شائستگي، مڪمل حفاظت ۽ تحفظ ملندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي س??ڪيورٽي ب??بت اسان جي گهرن خدشن کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو و??ي.