ڪوئيٽا-20 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، نگران حڪومت ان شعبي ?? بهترين بنياد وجه?? ويندي، وقت اچ?? ويو آهي ته تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن بيوٽمز يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ صوبي جي مختلف يونيور??ٽي?? جي وائ??س چانسلرز سان ملاقات ۽ تعليمي بهتري لاءِ انهن جي تجويزن، سفارشن بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ مالي ۽ انتظامي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هاڻي اسان کي ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي بلوچستان جو چئن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهيان، ڪوئيٽا اچڻ جو مقصد تعليمي ماهرن، صوبائي حڪومت ۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪري تعليم جي شعبي ?? بهتري لاءِ سفارشون جوڙڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ ٻين صوبن جو به دورو ڪندس، جنهن کانپوءِ تعليم جي شعبي ?? درپيش چئلينجز ۽ ان جي حل بابت پنهنجي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ صدر مملڪت ۽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته تعليم جي شعبي ?? ڪوالٽي جي مسئلن ۽ ٻين تي ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي مان پاڻ ڪندس، نگران حڪومت تعليم جي شعبي ?? بهترين بنياد وجه?? ويندي. وائ??س چانسلرز سان اڄ ج?? ويهڪ شروعات آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳتي وڌايو و??ند??، مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جي مسئلن جي حل لاءِ وائ??س چانسلرز جي جلد نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪرائ?? ويندي ته جيئن فنڊن ۽ پينشنز سميت ٻين مسئلن جو مستقل حل ڳولي سگهجي. ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائ??ند?? چيو ته هن وقت يونيور??ٽي?? جي ڪوالٽي ۽ گورننس جا مسئلا وڏا آهن، بلوچستان جي تعليمي ادارن لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن 223 ملين روپيا ايڊيشنل گرانٽ ڏني آهي.