ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي سنڪيانگ ايغور خودمختيار علائقي جي پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سنڪيا??گ پروڊڪشن اينڊ ڪنسٽرڪشن ڪور (ايس پي سي سي) جي پارٽي سيڪريٽري لي يفئي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي لاءِ چيني عوام جي گرمجوشي وارن جذبن کي ساراهيندي نگران وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اقتصادي ت??قي جي لاءِ ڀرپور حمايت تي سي پي سي جي قيادت جا ٿورا مڃيا. بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي مضبوط عزم کي ساراهيو. نگران وزيراعظم سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ?? ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي ا??ميت تي زور ڏنو ۽ سي پيڪ جي آغاز جي نقطي طور سنڪيانگ جي ا??ميت کي اجاگر ڪيو. هن سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ?? واپار، رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پاڪستان سان ايڪس پي سي سي جي مضبوط اداراجاتي رابطن ۽ سنڪيانگ جي ا??ن ۽ ترقي ۾ ان جي ڪردار جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم ايڪس پي سي سي کي پاڪستان ۾ صنعتي ت??قي، سياحت، زراعت ۽ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري لي يفئي چيو ته چين پاڪستان کي هڪ اهم اقتصادي حصيدار سمجهي ٿو ۽ واپار ۽ ر??بطن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڪيانگ جي خودمختيار علائقائي حڪومت خنجراب سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپار، رابطن ۽ عوام جي وچ ?? لاڳاپن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي.