اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجائيف عبدوخاڪو مووچ ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان وزير نورالدين عزيزي واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت واپار ۽ صنعت واري نگ??ان وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ڪئي. ڳالهه ٻولهه جو محور واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي آسان بڻائن جي ذريعي واپاري لاڳاپن جو فروغ رهيو. ترجمان چيو ته واپار واري نگ??ن وفاقي وزير گوهر اعجاز اميد ظاهر ڪئي ته ٽه ڌريو تعاون ٽنهي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي کي فروغ ??يندو. ازبڪستان جي نائب وزيراعظم اسلام آباد ۾ نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، واپار ۽ صنعت واري وزير، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري وزير، مواصلات ۽ ريلويز واري وزير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزير ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن جو محور واپار، رابطي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ هو. ترجمان چيو ته افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وقتي وزير دوري دوران نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي. نگ??ان پرڏيهي وزير افغانستان سان لاڳاپن کي فروغ ??يڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي انضمام جي لاءِ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته سلامتي ۽ ترقي جي وچ ۾ تعلق تي زور ڏيندي نگ??ان پرڏيهي وزير افغانستان پاران دهشتگرد گروهن خاص طو?? تي ٽي ٽي پي جي خلاف ٺوس ڪارروائي تي زور ڏنو. هن ان مقصد جي لاءِ عبوري افغان حڪ??مت سان تعاون جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو پڻ اظهار ڪيو ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.