اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير اللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني والاريل فلسطين خ??ص طور تي غزه جي خراب صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن جنگبندي جي فوري ضرورت، گهيراءُ ختم ڪرڻ، غزه جي ماڻهن کي طبي س??مان سميت بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي فراهمي ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل جي بنياد تي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي ٻيهر شروعات تي زور ڏنو. نگران پرڏيهي وزير 15 ڊسمبر تي ڏکڻ اوڀر ايران ۾ دهشتگرد حملي جي س??ت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايراني سيڪيورٽي اهلڪار ماريا ويا هئا. هن دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم تي زور ڏنو ??يڪ?? علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ گڏيل چئلينج آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل پاڪستان ڀائراڻ?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.