اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي هدايت تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر ع??ي جي پونئيرن جي لاءِ مالي امداد جي منظوري ڏني وئي. جاري پڌرائي موجب پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سي?? مبشر توقير شاهه چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي جي پونئيرن جي لاءِ 24 لک رپيا ۽ ڪئميره مين ظفر ع??ي جي پونئيرن جي لاءِ 15 لک رپين جي مالي گرانٽ جي منظوري ڏني. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سي?? مبشر توقير شاهه ان موقعي تي چيو ته پي ٽي وي پنهنجي ملازمن جي ڀلائي کي سدائين ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته فوت ٿيندڙ ٻئي ملازم ڪئميره ذريعي پاڪستان جي مختلف علائقن جي ڪوريج قوم آڏو اسڪرين تي آندي، انهن جي اداري لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ان جا ملازم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. پي ٽي وي جي ايم ڊي سي?? مبشر توقير شاهه احمد خان سولنگي ۽ ظفر ع??ي جي اداري جي لاءِ شاندار خدمتن تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو. واضح رهي ته پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جو چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر ع??ي گذريل ڏينهن ڊيوٽي دوران ڪراچي سوراب روڊ تي ڪار ۽ ويگن جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا هئا.