اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي 2024ع جي چونڊن جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين ?? ميڊيا پرسنز جي سهولت لاءِ ميڊيا هي??پ لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ منعقد ميڊيا هي??پ لائين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 8 فيبروري تي چونڊون منعقد ڪرڻ پاڪستان جي عوام سان اسان جو واعدو هو، 17 آگسٽ 2023ع کانپوءِ نگران حڪومت پنهنجي ٻين ذميوارين ?? معامل?? کي سرانجام ڏيڻ کانسواءِ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي هر قسم جي مدد ڪئي. هن چيو ته چونڊن ۾ هاڻي رڳو ٻه ڏينهن باقي رهجي ويا آهن، پاڪستان جي هڪ سياسي جمهوري تاريخ آهي، پاڪستان جي پ??رين بالغ راءِ ڏيندڙن جي چونڊ 7 فيبروري 1970ع تي ٿي ۽ چونڊن جو هي عمل انهي جو تسلسل آهي. هن چيو ته ملڪ جي آئين ?? لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا ۽ اسان ان طرف گامزن آهيون. پاڪستان جي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام 8 فيبروري 2024ع تي ووٽ جو حق استعمال ڪري پ??هنجا نمائندا چونڊيندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته موجوده ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ اسان کي پ??هنجي ڪم جي طريق?? کي جديد ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ميڊيا هي??پ لائين پليٽ فارم انٽرنيٽ جي سهولت سان ليس ڪنهن به موبائيل، ٽيبليٽ، ڪمپيوٽر ڊيوائس جي برائوزر جي ذريعي پ??چ جوڳي هوندي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته ميڊيا هي??پ لائين جي ذريعي صحافين ?? مبصر?? کي هڪ آن لائين پليٽ فار?? ميسر آيو آهي جتي اهي پ??هنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهندا. هن چيو ته ميڊيا هي??پ لائين سان مختلف ڊپارٽمينٽس بشمول گهرو وزارت، پوليس، انتظاميا، اليڪشن ڪميشن، پيمرا، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۽ پي آءِ ڊي جي صوبائي آفيس?? کي ڳنڍيو ويو آهي. ان هي??پ لائين جو بنيادي مقصد درپيش مسئل?? کي حل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. پرنسپل انفارميشن آفيسر وڌيڪ چيو ته 7 فيبروري تي اليڪشن جي حوالي سان پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا سيل جو افتتاح پڻ ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻين صوبن ۾ پي آءِ ڊي جي سمورين آفيسن ۾ به اليڪشن سيلز قائم ڪيا ويندا. تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي سوالن تي ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته هي هي??پ لائين رڳو اليڪشن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي پر اليڪشن کانپوءِ به ان جي تسلسل تي غور ڪيو ويندو. اطلاعات واري وزارت جي عملدارن ان موقعي تي ٻڌايو ته شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ضابطه اخلاق بابت شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو ويندو.