اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر ??حم?? معيزو ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، خاص طور تي ??اپار ۽ ماحولي??تي قدمن جي خصوصي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ کي جمهوريه مالديپ جي صدر ڊاڪٽر ??حم?? معيزو ٽيليفون ڪئي. ٽيليفون جو مقصد ا??وظ??بي ۾ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج (ڪوپ – 28) جي ڌرين جي ڪانفرنس جي 28 هين اجلاس جي موقعي تي 2 ڊسمبر 2023ع تي ??يندڙ سندن ملاقات دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي ??ڌائڻ هو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپار ۽ ماحولي??تي قدمن تي ڌيان ڏيندي گڏيل تعاون کي وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر علائقائي تعاون جي ذريعي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.