ڪراچي – 20 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته معاشري جي ??رق?? ۾ استادن جو اهم ڪردار ??هي. اها ڳالهه هن بهبود گرلز ڪاليج اينڊ هايئر سيڪنڊري اسڪول جي اهتمام هيٺ بهبود ايسوسيئيشن ڪراچي ۾ منعقد استادن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته استادن جي حوصلا افزائي تمام ضروري آهي. خاتون اول چيو ته استاد اسڪول جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ شاگردن جي بهتر مستقبل جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪن ٿا. ثمينه علوي چيو ته شاگردن جي بهتر تعليم جي لاءِ ان??ن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، تعليم جي فراهمي اهم آهي، اسان کي تعليم جي ذريعي تبديلي آڻڻ گهرجي، ڇوڪرين ۽ عورتن کي بااختيار ??ڻائڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. هن ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون اول چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي گهٽ شرح خواندگي جو چئلينج درپيش آهي، عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون ڇاتيءَ جي ڪينسر تي پڻ ڪم ڪري رهي آهيان. خاتون اول چيو ته صدر تعليم تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 26 ملين کان وڌيڪ ٻار ??سڪول کان ٻاهر آهن. هن چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ڇو ته باباءِ قوم پڻ ٻارڙين کي تعليم جي فراهمي جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو باصلاحيت آهن، تعليمي نظام تي نظرثاني ڪئي وڃي، اسان کي پنهنجي ٻارن جي قدرن ۽ ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بهبود کي خصوصي ماڻ??ن جي لاءِ پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي.