برس??ز ?? 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ 2024ع جي موقعي تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان مل??قا?? ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن دفاعي ۽ ا??ٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ا??ٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن است??ما?? ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ائٽمي توانائي ۽ ايپلي ڪيشنز ۾ تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.