??لت??ن – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر س??د يوسف ??ضا گيلاني سان ??لت??ن ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي س??د يوسف ??ضا گيلاني جو چوڻ هو ته صدر آصف ??لي زرداري سدائين چين سميت دوست ملڪن کي راغب ڪيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙن گيم چينجرز منصوبن جي شروع ٿيڻ ۾ صدر آصف ??لي زرداري جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وقتي صدر ملڪي معيشت ۾ واپارين جي ڪردار کي ساراهيندي انهن کي يقين ڏياريو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ واپارين جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. وقتي صدر سان ملاقات ڪندڙ واپارين ۾ صدر چيمبر آف ڪامرس ??لت??ن راشد اقبال، رومانه تنوير شيخ، انڊسٽريل اسٽيٽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي صدر آصف مجيد، چوڌري وحيد ارشد، خواجه جلال الدين رومي، خواجه يونس ۽ ٻيا شامل هئا. واپاري برادري سينيٽ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 148 جي ضمني چونڊن ۾ علي قاسم گيلاني جي ڪاميابي تي يوسف ??ضا گيلاني کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ناليواري صنعتڪار ميان تنوير شيخ جي رهائشگاهه تي وقتي صدر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو ويو. ان کان اڳ وقتي صدر س??د يوسف ??ضا گيلاني ڪمرشل فلائيٽ پي ڪي ذريعي ??لت??ن ايئرپورٽ پهتو ته ??لت??ن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن عبدالقادر گيلاني، علي قاسم گيلاني، صوبائي اسيمبلي ميمبرن علي حيدر گيلاني، ڪامران مڙل ۽ راڻا اقبال سراج سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب فواد هاشم رباني، ڪمشنر ??لت??ن مريم خان، ڊپٽي ڪمشنر رضوان قدير ۽ ٻي مقامي انتظاميا استقبال ڪيو.