اسلام آباد -11 جون (اي پي پي)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جولاءِ 2023ع ??ان مارچ 2024ع ت??ئين 6 سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس، 2 ايف ايم لائسنس ۽ 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا، مارچ 2024ع ت??ئين جاري ڪيل سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جو انگ 140، ايف ايم لائسنس جو انگ 239 ۽ ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ٿي ويو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي 24-2023ع موجب پيمرا طرفان جولاءِ 2023ع ??ان مارچ 2024ع ت??ئين هڪ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جو سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جاري ڪيو ويو، اهڙي طرح ٻه لائسنس انٽرٽينمينٽ جي ڪيٽيگري ۾، هڪ علائقائي ٻولي ۽ هڪ تعليمي چئنل ۽ هڪ نان ڪمرشل تعليمي چئنل جي ڪيٽيگري ۾ جاري ڪيا ويا. مارچ 2024ع ت??ئين ڪمرشل ڪيٽيگري ۾ هڪ ايف ايم چئنل جو لائسنس جاري ڪيو جنهن کانپوءِ ايف ايم ريڊيو لائسنس جو انگ 239 ٿي ويو. پيمرا جولاءِ 2023ع ??ان مارچ 2024ع ت??ئين مجموعي طور تي 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا جن کانپوءِ مارچ 2024ع مجموعي طور تي جاري ٿيل ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ٿي ويو آهي. اهڙي طرح مارچ 2024ع مجموعي طور موبائيل ٽي وي جا 4، انٽرنيٽ پروٽوڪول جا 26، ڊائريڪٽ ٽو هوم (ڊي ٽي ايڇ) جو هڪ، ٽيلي پورٽ جو هڪ ۽ ٽيلي ويزن ريٽنگ پوائنٽ ڪمپنيز کي 3 لائسنس جاري ڪيا. پيمرا جي آمدني جو بنيادي ذريعو لائسنس جاري ڪرڻ وقت لائسنس وٺندڙن کان ايڊو??نس ٽيڪس جي وصولي ۽ ان جي تجديد ۽ فيس يا ڏنڊ جي وصولي تي ٻڌل آهي. مالي سال 24-2023ع ۾ جولاءِ کان مارچ دوران پيمرا مالي سال 2023ع ۾ 19 لک 63 هزار روپين جي ڀيٽ ۾ 27 لک 50 هزار روپي?? قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا جيڪي 40 سيڪڙو اضافي کي ظا??ر ڪري ٿو.