اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي ميڊيڪل جي شاگردن کي پاڪستان ۾ ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪر?? جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪي?? آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس ??ري??نگ ۾ چيو ته اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي هدايت تي پاڪستان ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪي?? آهي، ان سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي پن??نج?? طبي تعليم جاري رکي سگهندا. هن چيو ته غزه سان تعلق رکندڙ فلسطيني شاگرد 20 کان 30 جي بئچن ۾ جلد ئي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ترجمان چيو ته ان فيصلي سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پن??نج?? طبي تعليم مڪمل ڪري سگهندا ته جيئن غزه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.