اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي)نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان سان ڪويت جي سفير عبدالرحمان جاسر المطيري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪويت ۽ پاڪستان وچ ۾ ”جي ??و جي“ ۽ ”بي ٽو بي“ جي بنياد تي منصوبن ۾ حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وفاقي و??ير عبدالعليم خ??ن ۽ ڪويت جي سفير عبدالرحمان جاسر المطيري وچ ۾ وڌيڪ جامع انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي و??ير ڪويت ۽ پاڪستان ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي ڪويت جي سفير چيو ته پاڪستان جي معيشت جي مضبوطي ۽ گڏيل حصيداري ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. ڪويت جي سفير خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪويت جا پاڪستان سان لاڳاپا اهميت رکندڙ آهن. سمورن معاهدن کي پڄاڻي تي پهچائينداسين. ڪويتي ادارن طرفان سمورن معاهدن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائينداسين. ڪويت جي سفير وفاقي و??ير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪويت مستقبل ۾ پ??ڪستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ڪويت جي سفير وفاقي و??ير عبدالعليم خان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اوهان جي هاڻوڪي ڪويت جي دوري سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي.