لاهور-26جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اونگزيب پي ٽي آءِ جي بک هڙتال کي” ڊائٽ پلان “ قرار ڏنو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته منجهند جو 3 وڳي کان شام جو 7 وڳي تائين جي بک هڙتال ”ڊائٽ پلان “ آهي، منجهند جي ما??ي کائڻ ک??ن پوءِ رات جي ما??ي کان اڳ تائين جاري ره??دڙ بک هڙتال هڪ مزاق آهي. هن چيو ته 9 مئي جي ڏوهارين لاءِ چئن ڪل??ڪن جو ڊائٽ پلان ئي فالو ڪري سگهجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته قومي ٺڪاڻن، شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي، قائد اعظم جي گهر کي ساڙڻ، پوليس ۽ رينجرز تي تشدد ڪرڻ جو اعتراف ڪندڙ سزا جا مستحق آهن.