اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته چين جي حڪومت جي سهڪار سان ??لو??س??ان ۾ ”شي پاور“ منصوبي جي شروعات واکاڻ جوڳي آهي، منصوبو پاڪس??ان ۽ چين جي مضبوط بنيادن تي هموار دوستي جو هڪ ٻيو زنده مثال آهي. چيني سفارتخاني ۾ ??لو??س??ان جي عورتن جي صحت جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسڪولن جي ڇوڪرين ۾ 20 هزار هيلٿ ڪٽس ورهائڻ سان نه رڳو صحت سان ڳنڍيل معاملن کان واقفيت وڌندي پر اها ٻارڙين جي پرورش ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. صحتمند ۽ تعليم يافته عورتون خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جو بنياد آهن. هن چيو ته اسپيڪر طور مون هميشه عورتن ۽ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن. عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ قانونسازي سان گڏ پارلياماني ويمن ڪاڪس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، جينڊر مين اسٽريمنگ بابت پارلياماني ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو. پاڪس??ان ۽ چين هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. چين پاڪس??ان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪ -چين اقتصادي راهداري منصوبو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ اهم ??نگ ميل جي حيثيت رک?? ٿو. پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ واڌ خوش آئنده آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪس??ان هن دوستي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪس??ان ۽ چين هميشه دنيا ۾ امن کي هٿي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ??لو??س??ان منهنجي دل جي ويجهو آهي. ??لو??س??ان جي عوام کي درپيش مسئلن جو حل هميشه ترجيحن ۾ رهيو آهي. پاڪس??ان جي ترقي ??لو??س??ان جي ترقي سان ڳنڍيل آهي. ??لو??س??ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ چين جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي. چيني سفير جيانگ زائيڊنگ تقريب ۾ شموليت تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيو.