اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڄمون ۽ ??شم??ر تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ڪو به جواز نه آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کانپوءِ پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي خ??وصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ??شم??ري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ اضافو ڪيو، آزادي بنيادي حق آهي، اسان ان حق سان گڏ آهيون ۽ بنا ڪنهن جواز جي ڀارتي قبضي جو خاتمو اسان جو مشن آهي، حڪومت ??شم??ري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. اها ڳالهه هن ??شم??ر ۽ سيفران واري واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏ ??شم??ر استحصال ڏهاڙي جي حوالي ??ان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??شم??ر معاملن واري وزارت ??شم??ر استحصال ڏهاڙي جي حوالي ??ان خصوصي آگاهي مهم هلائي ۽ هڪ عاليشان پروگرام منعقد ڪيو جنهن تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن تحت ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي خ??وصي حيثيت ختم ڪئي. معصوم ??شم??ري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو، ڀارت پاران ان جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ بنيادي انساني حقن جون به مسلسل خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڄمون ۽ ??شم??ر تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ڪو به جواز نه آهي. پاڪستان حڪومت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي سدائين مذمت ڪئي آهي ۽ ورجاءُ ڪيو آهي ته معصوم ??شم??ري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پي ڊي ايم حڪومت دوران به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??ي اجلاس کي خ??اب ۾ چيو هو ته ??شم??ري عوام کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر تي غيرقانوني ڀارتي قبضي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ بنا جواز قدمن تحت ڄمون ۽ ??شم??ر جي خ??وصي حيثيت ختم ڪئي وئي ۽ اتي انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ اضافو ڪيو. حريت اڳواڻن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ حقن جي بحالي ??ميت ڄمون ۽ ??شم??ر جي خ??وصي حيثيت بحال ٿيڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي منظور ڪيل قراردادن تحت معصوم مظلوم ??شم??رين کي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته ??شم??ري عوام جي ڏهاڪن تي ٻڌل قربانين جو داستان آهي، جنهن ۾ نوجوانن، بزرگن، عورتن ۽ ٻارن قربانيون ڏنيون آهن. اڄ به اهي نعرا لڳائين ٿا ته اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهي. هن چيو ته آزادي بنيادي حق آهي، اسان ان حق سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بنا جواز ڀارتي قبضي جو خاتمو اسان جو مشن آهي. گڏيل قومن جي قراردادن موجب ??شم??ري عوام کي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي، ان جي لاءِ اسان هر سطح تي پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. ان موقعي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارتي ظلمن تي تيار ڪيل هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.