اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ سينيئر صحافي اخلاق احمد باجوه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته اخلاق احمد باجوه صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس لاڏاڻي سان صحافت جي شعبي ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. هن چيو ته مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين يا?? رکيو ويندو. ا??لا??ات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.