اسلام آباد-10 سيپٽ??بر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته زراعت ۽ آءِ ٽي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ??ڏي ۽ ملڪ جي ??عاشي ترقيءَ جا محور آهن. هن اها ڳالهه يو ايس ڪموڊٽي فيوچر ٽريڊنگ ڪميشن (سي ايف ٽي سي) جي عالمي معاملن جي آفيس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪيون پِڪولي سا?? ملاقات دوران چئي. چيئرمين ايس اي سي پي عاڪف سعيد، پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جا عملدار ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر عملدار به ا?? موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ زرعي جنسن جي ??ارڪيٽ جي ڪردار ۽ پاڪستان ۾ جنسن جي ??ستقبل جي ??ارڪيٽ جي ترقي، ضابطي ۽ نگرانيءَ جي سلسلي ۾ سگهه وڌائڻ جي تربيتي سيشنز جي جاري سيريز ڪي لي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۽ سي ايف ٽي سي وچ ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي ??عيشت ۾ زراعت خاص طور تي ملڪ جي ??جموعي قومي پيداوار ۾ ان جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته جتي مالي سال 24ع دوران پاڪستان جي ??عيشت ۾ 2.38 سيڪڙو جي اؤسر ٿي، زراعت اقتصادي ترقي جو هڪ اهم محرڪ طور اُڀري آهي ۽ وڏين فصلن جي ??يداوار ۾ 6.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ زراعت ۽ آءِ ٽي ٻنهي شعبن تي ڀاڙڻ وڏي حد تائي?? ملڪي عمل تي هلي ٿو، انهن شعبن ۾ صحتمنداڻي ۽ مستقل ترقي قومي معيشت لاءِ اهميت رکي ٿي. ٻنهي شعبن جي روانگي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ ضروري آهي.