اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چي?? ته روس فرٽيلائ??زر پلانٽس ک?? جديد بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوريو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ روس فرٽيلائ??زر پلانٽس ک?? جديد بنائڻ ۽ زرعي تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪندا. ملاقات ۾ صنعتي، زرعي ۽ اقتصادي تعاون جي معاملن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چي?? ته روس سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چي?? ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد زرعي مشينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي. روس جي سفير چي?? ته روس پاڪستان ک?? جديد زرعي مشينري فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان مان زرعي ماهر روس جو دؤرو ڪن.