اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس پرڏيهي وزارت اسلام آباد ?? منعقد هڪ تقريب ۾ معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج ۽ س??نٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي پاڪستان پاران پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فرحان ??اه?? ۽ روس پاران س??نٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي صدر ايگور آرٽيميف صحيحون ڪيون. پاڪستا?? عالمي ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بيلاروس – روس – قازقستان – ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي بابت مفاهمت نامي ۾ شموليت جو پڻ اعلان ڪيو. دستاويز تي پاڪستان پاران مواصلات واري سيڪريٽري علي ??ير محسود صحيحون ڪيون.