اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ بهادري جي ڪري ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب مح??د شهباز شريف چيو ته خوارج جو پاڪ زمين تان مڪمل خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي مغ??رت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ سگهه جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.