اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ??فيس جي پريس ونگ م??جب وزيراعظم محمد ش??باز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪ??مت طرفان ايران جي عوام ۽ حڪ??مت لاءِ همدردي ?? يڪجهتي جو پيغام ڏنو. وزيراعظم فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??ادثي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ ايران جي حڪ??مت ۽ عوام سان گڏ آهيون. ٻئي پاسي وزيراعظم محمد ش??باز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ايراني صدر ۽ ايران جي عوام سان ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل قيمتي جانين جي نقصان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان جون همدرديون ۽ دعائون متاثڙ ماڻهن جي وارثن سان آهن. پاڪستان مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ايراني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.