راولپنڊي – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف 11 ڪارروائين ۾ 32 لک ??وپين جي ماليت جي منشيات هٿ ??ري عورت سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪارروائيون ڪيون ويون. جنهن ۾ راولپنڊي ۾ لاله زار روڊ تي 2 ڪارروائين دوران يونيورسٽي ويجهو 69 گرام چرس هٿ ??ري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. موٽر وي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو مسافر وين ۾ سوار عورت کان 2.4 ڪلو گرام چرس هٿ ??ري ورتو. اٽڪ ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابد??ر کان 50 گرام، فيصل آباد ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار جي قبضي مان 600 گرام آئيس هٿ ??ئي وئي. شاڳئي شهر جي ڪاليج ويجهو جوابد??ر کان 300 گرام چرس ۽ 200 گرام آئيس هٿ ??ئي. ڪوئيٽا ۾ شهباز چوڪ ويجهو جوابدار جي قبضي مان 940 گرام چرس هٿ ??يو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڪينال روڊ لاهور تي جوابدار جي قبضي مان 1 ڪلو 40 گرام هيروئن هٿ ??ئي وئي. لاهور ۾ ڪوريئر آفس مان بحرين موڪلڻ لاءِ تيار پارسل مان 450 گرام آئيس هٿ ??ئي. لاهور ۾ والٽن روڊ تي جوابد??ر کان 360 گرام هيروئن هٿ. ڄامشورو بس اسٽاپ ويجهو جوابد??ر کان 9 ڪلو گرام چرس هٿ ??يو ويو. ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.