نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو، وزيراعظم ۽ ترڪ ??در علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ترڪ ??در سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ ??در رجب طيب اردوان سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل طور تي مفيد تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان – ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جي تيارين جو جائزو پڻ ورتو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ فوري ??ور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران ??در اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي معاشي پاليسين کي ساراهيو جن سان پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي. ترڪ ??در وزيراعظم جي قيادت ۽ اقتصادي سڌارن جي عزم کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته ??در رجب طيب اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سا??گر??ه جي مبارڪباد پڻ ڏني.