اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاج??ست??ن جي وزيراعظم ڪُهر رسول زاده ٻطرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او، سي ايڇ جي جي سالياني اجلاس ۾ تاج??ست??ن جي فعال ۽ تعميري شر??ت کي ساراهيندي چيو ته بطور ڀائر ملڪن ۽ علائقائي حصيدار، پا??ست??ن ۽ تاج??ست??ن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پائيدار رشتو آهي. وزيراعظم هلندڙ سال جولاءِ ۾ دوشنبي جي پنهنجي نتيجاخيز دوري جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي مثبت رخ طرف اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ ويجهي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاجڪ وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي چي??ر جي حيثيت سان پا??ست??ن پاران اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ وفد ۽ ٻين شريڪ وفدن جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي پا??ست??ن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تاج??ست??ن جي صدر امام علي رحمان پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي ڪوهر رسول زاده چيو ته تاج??ست??ن ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ تعاون جي وسيع صلاحيت موجود آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ تاج??ست??ن، پا??ست??ن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. تاجڪ وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پا??ست??ن حڪومت جا تاج??ست??ن کي پا??ست??ن مان کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيندو.