اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف 26 هين آئيني ترميم جي منظوري کي قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو ان??هائي شاندار مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم سان مح??اتي سازشن جو عهد ختم ٿيو آهي ۽ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خواب پورو ٿي ويو، آئيني ترميم جي ذريعي جمهوريت جي مٿان خطرا ختم ٿي ويا آهن، پارليامينٽ جي ان??ر اڳواڻن ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، آئيني ترميم پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، ملڪ جو مستقبل مضبوط ۽ مح??وظ هوندو، ترميم سان لکين ماڻهن کي ان??اف حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. قومي اسيمبلي ??ان 26هين آئيني ترميم جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري کانپوءِ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ پارٽين جي سربراهن جي سيٽن تي وڃي سندن ٿورا مڃڻ کانپوءِ ايوان ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي ۽ قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو اعليٰ مثا?? آهي. اڄ هڪ نئون سج اڀرندو ۽ نئين صبح ٿي آهي. ماضي ۾ مح??اتي سازشن جي ذريعي چونڊيل وزيراعظمن کي گهر موڪلڻ جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي ويو آهي. ان آئيني ترميم سان ان??اف حاصل ڪرڻ آسان ۽ عام ماڻهو کي ان??اف جي فراهمي ۾ دير نه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اڄ 2006ع ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ٿيندڙ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خواب تڪميل تي پهتو آهي، اڄ ڪنهن منحرف ميمبر ان ترميم جي حق ۾ ووٽ ناهي وڌو، اسان تي طرح طرح جا الزام هنيا ويا، اڄ طئي ٿي ويو ته پارليامينٽ بالادست آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پاناما جي نالي تي اقامي جي بنياد تي هڪ وزيراعظم کي نااهل قرار ڏنو ويو. هن صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي، چوڌري سالڪ حسين، عبدالمالڪ بلوچ، اعجاز الحق، خالد مگسي، عبدالعليم خان سميت آئيني ترميم جي حمايت ڪندڙ سمورن اڳواڻن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙي ترميم سان ملڪ جو مستقبل مح??وظ ٿيندو. هن بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت ۽ ميان نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان جو بنياد رکيو. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ان ترميم جي لاءِ بي پناهه مح??ت ڪئي، مولانا فضل الرح??ان پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ ان تي پنهنجو موقف ڏنو. هن نائب وزيراعظم، قانون ۽ ان??اف واري وفاقي وزير کي پڻ مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن تحريڪ ان??اف به ان ترميم ۾ شامل ٿئي ها ته سٺو هو. هن اسپيڪر ۽ سندس اسٽاف جا به ٿورا مڃيا. وزيراعظم سمورن قومي اسيمبلي جا ٿورا مڃيندي ان ترميم کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو.