اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي ميمبرن بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ پي جي اي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چ??و آهي، ته عالمي امن ۽ انصاف جي فراهمي ۾ پارلياماني نمائندن جو ڪردار هن وقت اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪ??ي چڪو آهي، پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ عالمي قانون، موسمياتي تبديلي ۽ انساني حقن جهڙن اهم مسئلن تي ڀرپور ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان فورم ۾ شريڪ پاڪستاني ۽ عالمي نمائندن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پارليامينٽيرينز عالمي چئلينجن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار اد?? ڪندا. هو گذريل ڏينهن پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي اجلاس جي افتتاحي تقريب جي ويهڪ کان پوءِ قومي خابرو اداري اي پي پي سان ڳالهائي رهيو هو. پي جي اي جي ميمبر ۽ قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چ??و آهي، ته پاڪستان هميشه عالمي انصاف ۽ انساني حقن جي اصولن جو پاسبان ره??و آهي. هن فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن مسئلن تي عالمي برادري کي ٻٽي معيار جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀريو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي جدوجهد عالمي انصاف کي هٿي وٺائڻ جي عڪاسي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي خ??دمختياري ۽ سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. پي جي اي جي ميمبر ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌ??ي چيو ته پاڪستاني سياستدانن جو ڪردار عالمي امن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلي جهڙن تڪرارن کي حل ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن هڪ منصفاڻو ۽ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. دانيال چوڌ??ي چيو ته پاڪستان عالمي امن کي هٿي وٺائڻ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان عالمي انصاف جي اصولن تي ڪاربند رهنداسين. پي جي اي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڳالهين جي تائيد ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز تي عالمي سهڪار جي ضرورت آهي، پاڪستان عالمي برادري سان گڏ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو علمبردار ره??و آهي ۽ عالمي امن جي بحالي ۾ هڪ اهم ڪردار اد?? ڪندو رهندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عالمي انصاف، امن ۽ انساني حقن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، عالمي برادري کي به هڪجهڙي انصاف جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.