اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ ايف سي جي قافلي تي خارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. و??ير??عظم آف??س جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ جي لاءِ ايف سي ۽ پول??س جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جون عظيم قربانيون آهن، پن??نجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ مان فتنه الخوارج جي لعنت جي خاتمي لاءِ مصروف عمل سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن ک?? مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پن??نجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستاني قوم پن??نجي شهيدن جي قربانين ک?? ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. و??ير??عظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن ک?? بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي.